پير عالم سجاولي

پير عالم سجاولي

عالم سجاولي پير

عالم سجاولي، پير: اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر پير عالم سجاوليءَ جو پورو نالو پير محمد عالم ولد پير تقي محمد قريشي صديقي آهي. هن پهرين اپريل 1942ع تي ڳوٺ اٽل شاهه لڳ ٻنون، تعلقي ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو. پاڻ مخدوم سرور نوح رح جي خاندان مان آهي. سنڌي فائنل جو امتحان 1956ع ۾، مئٽرڪ جو امتحان 1962ع ۾ هاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيائين. انگريزي ٽي درجا ساقي سجاوليءَ وٽ ٻني ۾ پڙهيو. 1965ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو، جيڪا نوڪري هڪ سال بعد ڇڏي ڏنائين. ساقي سجاوليءَ جي صحبت ۾ سندس لاڙو ادب ڏانهن ٿيو. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن شاعري ۽ مضمون شايع ٿيل آهن. پير عالم قريشيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘ڏيڍ ٺڳ’، (2) ‘ٺڳن جو استاد’، (3) سيلاب سانول’ ۽ (4) ‘مخدوم لاکو پير لطف الله’ شامل آهن. پير محمد عالم 1962ع کان وٺي ڳوٺ پير علي مير لڳ نورو ٻارڻ، تعلقي سجاول ۾ رهي ٿو ۽ ننڍي زمينداريءَ سان وابسته آهي. کيس ستن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.01  عيسوي

پير عالم سجاوليءَ جو پورو نالو پير محمد عالم ولد پير تقي محمد قريشي صديقي آهي. هن پهرين اپريل 1942ع تي ڳوٺ اٽل شاهه لڳ ٻنون، تعلقي ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نسيم ٿيٻو
آفتاب احمد ميمڻ
گل محمد چنا
عثمان علي انصاري
ضراب حيدر
پنجواڻي رام پروفيسر
رانجهن ماسٽر رانجهن
گنگا رام سمراٽ
روشن علي تنيو
پرويز علي محمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون